بابر اعظم ٻيهر ڪپتان بڻائڻ جو چٽو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس ٻيهر قومي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جا چٽا امڪان آهي.
ذريعن موجب، شاهين آفريدي جي ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي وئي آهي، پي سي بي اختيارين بابر اعظم سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس ٻيهر قومي ٽيم جي قيادت سونپڻ جو امڪان آهي.
بابر اعظم اڄ ڪاڪول ۾ ٽريننگ ڪئمپ جوائن ڪندو.
ذريعن موجب، ايبٽ آباد ۾ ڪئمپ جوائن ڪرڻ کان اڳ بورڊ آفيشلز جي اڳوڻي ڪپتان سان ملاقات جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ناٺي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ذميواري ڏني آهي ته کيس ٿورو وقت به ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.