حڪومت جو هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ججن جي خط جي معاملي تي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته چيف جسٽس ۽ وزيراعظم جي ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ملاقات ۾ سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه به موجود هو.
سندس موجب وزيراعظم چيو ته عدليا جي آزادي تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، حڪومت جو فرض آهي ته ان معاملي تي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به اداري جي معاملي ۾ مداخلت نه هجڻ گهرجي، سٺي ساک واري رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪرائي ويندي، ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ تحت ڪميشن جوڙي ويندي.
وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سڀاڻي ڪابينا سامهون به معاملو رکندو، اهو معاملو عدليا تي ٿا ڇڏيون ته خط مس ڪنڊڪٽ آهي يا نه، ٽي او آرز ۾ ان خط ۽ ماضي جا معاملا به شامل هوندا، اسان سمجهون ٿا ته اهو هڪ انتهائي سنجيده معاملو آهي، ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي.
اعظم نذير تارڙ چيو تاريخ فيصلو ڪندي آهي ته ڪير غلط آهي ڪير نه، هاءِ ڪورٽ جا جج هڪ مقدس فرض انجام ڏيندا آهن، هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي آهي، مان سمجهان ٿو جڏهن اهڙا معاملا اچن ته انهن کي دٻايو نه وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.