ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرا 22 مارچ تائين 13 ارب 42 ڪروڙ ڊالر رهيا، ذخيرن ۾ 22 مارچ تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 3 ڪروڙ 69 لک ڊالرن جي واڌ ٿي.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 22 مارچ تائين 40 لک ڊالر واڌ سان 8.02 ارب ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 22 مارچ تائين 3 ڪروڙ 29 لک ڊالر واڌ سان 5 ارب 40 ڪروڙ ڊالر رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.