ججن جي خط جو معاملو، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي ملاقات طئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي وزيراعظم سڀاڻي چيف جسٽس سان ملاقات ڪندو.
ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي ملاقات لاءِ پيغام موڪليو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جو پيغام اچڻ کانپوءِ وزيراعظم سڀاڻي پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ ساڻس ملاقات ڪندو، ملاقات منجهند 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ وزيراعظم سان گڏ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ به هوندا.
اعظ۾ نذير تارڙ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته سڀاڻي وزيراعظم چيف جسٽس سان ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.