خيرپور: پيتيءَ مان ٻارن جا لاش هٿ اچڻ جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ هڪ گهر مان ٻارن جا پيتي ۾ بند پيل لاش هٿ اچڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ٻارن جي جسم تي تشدد جا نشان هجڻ جي تصديق ٿي آهي.
خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ واري علائقي موڙ شيخ ۾ ٽن معصوم ٻارڙن جا بند پيل گھر جي پيتي مان لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن ٻارن جي جسم تي تشدد جا نشان هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.
صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کان واقعي جي رپورٽ طلب پڻ طلب ڪري ورتي آھي، جڏھن ته خيرپور پوليس پڻ ٻارن کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪرڻ تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.