دنگ ڪري ڇڏيندڙ تصويرن جي رفتار، ماهرن دنيا جي تيز ترين ڪئمرا تيار ڪري ورتي

سائنسدانن دنيا جي تيز ترين ڪئمرا تيار ڪري ورتي آهي جنهن جو تصويرون ڪڍڻ جي رفتار دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.
سڪارف (SCARF )نالي ڪئمرا 156.3 terahertz ( ٽي ايڇ زي ) جي رفتار سان تصويرون ڪڍي سگهي ٿي.
اهڙي ريت ان جي پڪسلز 156.3 ٽريلين فريم في سيڪنڊ جي برابر آهي، هيءَ ڪئمرا سائنسي تحقيقي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
خاص طور تي اهڙن سائنسي ايونٽن ۾ جيڪي هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ ظاهر ٿيندا آهن ۽ انهن کي عام ڪئمرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
ڪئمرا جا تجربا هنيئر تائين ڪامياب ثابت ٿيا آهن ۽ ان ذريعي انتهائي تيزي سان ٿيندڙ واقعن جهڙوڪ سيمي ڪنڊيڪٽر جي جذب ٿيڻ وارو عمل جون تصويرون ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي.
اِها ڪئمرا ڪئناڊا جي پروفيسر جيانگ ليانگ ۽ سندس ٽيم تيار ڪئي آهي جيڪا عالمي سطح تي الٽرا سافٽ فوٽوگرافي لاءِ ڄاتي ويندا آهي.
ڪئمرا بابت تحقيقي رسالي جرنل نيچر ۾ تفصيلي رپورٽ شايع ٿي آهي.
اِها ڪئمرا عام ماڻهن بدران سائنسدان ئي استعمال ڪري سگهندا پر تحقيقي ٽيم طرفان ٻن ڪمپنين سان ڪم هلندڙ آهي ته جيئن ان جو ڪمرشل ورجن تيار ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.