صدر جو چيني سفارتخاني جو دورو، شانگلا حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري چيني سفارتخاني جو دورو ڪري شانگلا ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهري مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، جوابدارن کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا.
هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار دوستي تي حملو آهي.
چيني سفير دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن چيو ته چيني ڪارڪنن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، بي ڏوهه ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙن کي پڪڙڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.