اسد صديقي جي گهرواري زارا نور ڌيءَ کي جنم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار جوڙي اسد صديقي ۽ زارا نور عباس جي گهر ڌيءُ جي پيدائش ٿي آهي.

زارا ۽ اسد سوشل ميڊيا تي گڏيل بيان جاري ڪندي ڌيءُ جي پيدائش جي خبر  پنهنجي مداحن کي ڏيندي لکيو آهي ته هو اعلان ڪري رهيا آهن، خدا جي شڪر سان هو دنيا جي خوبصورت ترين ڌيءُ جا والدين بڻجي چڪا آهن. هنن پنهنجي ڌيءُ جو نالو نور جهان صديقي رکيو آهي. هنن مداحن کي درخواست ڪئي آهي ته کين دعائن ۾ ياد رکن.

واضح رهي ته زارا نور عباس ۽ اسد صديقي جي شادي 2017 ۾ ٿي هئي.

 

ماضي ۾ اسد صديقي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته کين پٽ جو اولاد وقت کان اڳ ٿي ويو جنهن بعد ٻار وڌيڪ وقت زنده نه رهي سگهيو ۽ گذاري ويو.

اسد صديقي ٻڌايو ته هنن جو ٻار ضايع (مس ڪيرج) نه ٿيو پر هنن پٽ کي جنم ڏنو هو جنهن جو نالو اورنگزيب رکيو هو. شروعات ۾ شيون بهتر هيون پر بعد۾ ڪجهه پيچيدگين سبب هنن الله جي مرضي سان ٻار کي وڃائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.