چيف جسٽس جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس، ججن جي خط تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس ختم ٿي ويو.
فل ڪورٽ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن شرڪت ڪئي، اجلاس تقريبن اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
ذريعن موجب فل ڪورٽ اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي غور ڪيو ويو ۽ ججن جي خط جي آئيني ۽ قانوني حيثيت جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فل ڪورٽ اجلاس تي پڌرائي به جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته چيف جسٽس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن طرفان ڳجهن ادارن جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت بابت خط تي فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪيو هو.
چيف جسٽس ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل سان به مشاورت ڪئي، جنهن کانپوءِ فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.