”پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ڳڙهه افغانستان آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ڳڙهه افغانستان آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ کي ڏسندي سرحد جي صورتحال ۾ بنيادي تبديلي جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ڳڙهه افغانستان آهي، اسان جي ڪوششن باوجود ڪابل ان معاملي تي ڪا اڳڀرائي نه پيو ڪري.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي ٺڪاڻن بابت علم هجڻ باوجود انهن جي سرزمين دهشتگرد پاڪستان خلاف آزاداڻي طور آپريٽ ڪري رهيا آهن.
خواجا آصف چيو ته پاڪ – افغان سرحد روايتي سرحد کان مختلف آهي، موجوده حالتن ۾ جڏهن ڪابل جو سهڪار ناهي ته پاڪستان کي ان سرحد تي عالمي قانون لاڳو ڪرڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.