الخدمت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سڄي ملڪ ۾ يتيمن جي عالمي ڏينهن تي آگاهي پروگرام

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي اهتمام هيٺ سڄي ملڪ ۾ ريجنل ۽ ضلعي سطح تي 15 رمضان يتيمن جي عالمي ڏينهن سيمينار، واڪ، افطار ڊنر سميت ٻيا آگاهي پروگرام رٿيا ويا، جن ۾ باهمت يتيم ٻارن سميت سندن مائرن شرڪت ڪئي.
زندگي جي مختلف شعبن سان سلهاڙيل ماڻهن يتيم ٻارن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي کين خاطري ڪرائي ته معاشري ۾ اهي اڪيلا ناهن.
الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان ورلڊ آرفن ڊي تي گفتگو ڪندي چيو ته يتيمن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي، يتيمن جي سار سنڀال حڪومت يا وري عوام جي ذميواري آهي، ان ۾ ڪوتاهي اسان لاءِ اجتماعي سزا جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
الخدمت فائونڊيشن ۽ ٻيون فلاحي تنظيمون پاڪستان ۾ موجود آرفن ٻارن جي سار سنڀال جو فرض انجام ڏئي رهيون آهن، الخدمت فائونڊيشن جو فيملي سپورٽ آرفن پروگرام گهرن ۾ رهندڙ 27 هزار 766 آرفن باهمت ٻارن جي ڪفالت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ قائم 22 الخدمت آغوش هومز ۾ 1837 آرفن باهمت ٻارن جي ڪفالت جاري آهي، الخدمت فائونڊيشن مجموعي طور تي 30 هزار آرفن ٻارن جي سار سنڀال تي 2 ارب 50 ڪروڙ رپيا ساليانو خرچ ڪندي آهن.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ هن وقت 17 ڪروڙ کان وڌيڪ يتيم ٻار آهن، جن جي اڪثريت غريب آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن ۾ آهي، پاڪستان جي 46 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن تي اسان جي ذميواري آهي، جنگ، بدامني ۽ قدرتي آفتون جتي ملڪن ۽ قومن لاءِ تباهي جو پيغام آڻينديون آهن، اتي ئي معصوم ٻارن جون زندگيون به آزمائش بڻائي ڇڏينديون آهن.
غزا ۾ تازي بحران دوران وڏي انگ ۾ معصوم ٻار يتيم ٿيا، الخدمت فائونڊيشن غزا جي انهن فلسطيني ٻارن جي ڪفالت لاءِ مڪمل پلاننگ ڪري چڪي آهي، رستو ملندي ئي انهن ٻارن جي ڪفالت لاءِ عملي قدمن جي شروعات ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.