پي ايس ايل ۾ ادائيگين واري معاملي تي شڪايتون، پي سي بي جو موقف سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽرن جي عالمي تنظيم فيڪا الزام مڙهيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ ۽ انڊين پريميئر ليگ سميت ڪيئي ليگز ۾ ادائيگن واري معاملي تي شڪايتون مليون آهن.
ليگ ڪرڪيٽ ۾ ادائيگين تي فيڪا جي رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته گذريل 24 مهينن دوران ليگز ۾ ادائيگين ۾ بي ظابطگيون سامهون آيون آهن.
فيڪا رپورٽ موجب، پي ايس ايل ۽ آءِ پي ايل سميت ڪيئي ليگز ۾ ادائيگين واري معاملي تي شڪايتون مليون آهن.
فيڪا جي رپورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن سان رابطو ڪندي الزامن جي ترديد ڪئي آهي.
پي سي بي جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا جو چيو ته پي ايس ايل بابت فيڪا جي رپورٽ غلط ڄاڻ ته ٻڌل آهي، جڏهن ته فيڪا رپورٽ تي لکت ۾ پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن سالن سميت سمورن ايڊيشنز ۾ ادائيگين واري معاملي دير جو ڪو به واقعو پيش ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.