نڪاح کان اڳ مڙس سان تصويرون ڪڍرائڻ کان لنوائي رهي هيس: ماهرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ماهرا خان پنهنجي شادي جي فوٽو شوٽ بابت دلچسپ گفتگو شيئر ڪئي آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا پنهنجي شادي جي حوالي سان گفتگو ڪندي ٻڌايو ته مان نڪاح کان اڳ مڙس سليم سان فوٽو شوٽ نه پئي ڪرائڻ چاهيو.
هن چيو ته اسان ٻئي الڳ الڳ جاءِ تي موجود هئاسين ۽ نڪاح نامي تي صحيح ڪرڻ ۽ نڪاح ٿيڻ کانپوءِ مان پاڻ سليم وٽ ويس.
سندس چوڻ هو ته سليم وٽ وڃي مان اِهو وساري ويٺيس ته فوٽو شوٽ ڪرائڻو آهي ۽ مهمان جي اڄ وڃ جو سلسلو پڻ جاري هو ، ان دوران فوٽو گرافر چيو ته سج جي روشني ختم ٿي رهي آهي مهل سان تصويرون ڪڍرائي وٺو.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته چيو ته هوءَ مختلف انداز ۾ تصويرون ڪڍرائڻ نه پئي چاهي ۽ نه ئي ايڊيٽوريل تصويرون چاهي پئي.
ياد رهي ته ماهران خان پنهنجي ويجهي دوست ۽ بزنس مين سليم ڪريم سان گذريل سال آڪٽوبر ۾ شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.