ڀارتي ڪرڪيٽ جي مضبوطي ۽ ڪاميابي جو راز ويرات ڪوهلي آهي: ڪيون پيٽرسن

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽرن جي شاندار فٽنس جو راز ويراتت ڪوهلي آهي.
اڳوڻي انگلش بيٽر جو خيال آهي ته ويرات ڪوهلي جي فٽنس ڀارتي ٽيم جي ڪرڪيٽرن لاءِ مثال آهي جنهن مان هو سبق حاصل ڪري سگهن ٿا.
انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) دوران ڪوهلي رائل چئلينجر بئنگلورو ۽ پنجاب ڪنگز وچ ۾ ٿيل ميچ ۾ 49 بالن تي 77 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم کي سيزن جي پهرين فتح ڏياري.
پيٽرسن ڪوهلي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ويرات کي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بهترين فنشرز طور ياد رکيو ويندو هو اننگز کي مڪمل ڪري ٿو.
هن چيو ته ويرات ڀارتي ڪرڪيٽرن کي ايٿيليٽ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اِهو ئي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابي جو اهم راز آهي.
اڳوڻي انگلش ڪپتان چيو ته جڏهن ڪوهلي پِچ تي رنسن لاءِ ڊوڙندو آهي ته سندس عزم ۽ همت نظر ايندي آهي، نظر ايندو آهي ته هو پنهنجو سئو سيڪڙو ڏئي رهيو آهي، هو بهترين بڻجڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته اِهو سڀ اسٽيڊيم جي ٻاهران شروع ٿيندو آهي، ڪرڪيٽر جو ڊائيٽ پلان ڇا آهي، جِم ۾ ڪيتري انرجي سان ورڪ آئوٽ ڪري ٿو.
ڪيون پيٽرسن اڳوڻي ڀارتي ڪپتان جي تعريف ڪندي چيو ته انڪري جيڪي رانديگر ويرات ڪوهلي سان گڏ کيڏيا آهن يا کيس فالو ڪن ٿا اِهي هن جهڙا ٿيڻ چاهين ٿا ان لاءِ فٽنس تي ڪم ڪندا آهن، انڪري ڀارتي ٽيم ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي اِها ڪوهلي جي ڪري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.