سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ جو شيڊيول جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ جي ڊراز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سلطان اذلان شاهه ڪپ جو 30 هون ايڊيشن چار کان يارنهن مئي تائين ملائيشيا ۾ کيڏيو ويندو، ايونٽ ۾ پاڪستان، نيوزيلينڊ، ڪوريا، ملائيشيا، جپان ۽ ڪئناڊا جون ٽيمون حصو وٺنديون.
پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ چار مئي ته ملائيشيا خلاف کيڏندو، پاڪستان جون پنج مئي تي ڪوريا، ست مئي تي جپان ۽ اٺ مئي تي ڪئناڊا خلاف ميچون شيڊيول آهن.
پاڪستان هاءِ ٽيم آخري ميچ نيوزيلينڊ خلاف ڏهه مئي تي کيڏندي ۽ ميگا ايونٽ جو فائنل 11 مئي تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.