بِگ باس 17 جو فاتح منور فاروقي ممبئي پوليس هٿان گرفتار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ممبئي پوليس حقا بار ۾ ڇاپو هڻي بِگ باس 17 جي فاتح منور فاروقيءَ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته ممبئي ۾ هڪ غيرقانوني حقا بار ۾ ڪارروائي ڪئي وئي جنهن دوران اسٽينڊ اپ ڪاميڊين ۽ بِگ باس 17 جي ونر منور فاروق سميت 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڇاپي دوران 13 هزار رپين کان وڌيڪ ماليت جا 9 حقا ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سگريٽ ۽ منشيات جي ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته منور فاروقي ۽ ٻين کي حقو پيئندي پڪڙيو جن کي بعد ۾ نوٽيس ڏئي ڇڏيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.