جَي يو آءِ جو ننڍي چونڊ جي بائيڪاٽ ۽ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام ( جي يو آءِ ) ف ننڍي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ اعلان ڪيو ته جي يو آءِ جو ڪو به اميدوار ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺندو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اٺ فيبروري جي چونڊن جا نتيجا رد ڪريون ٿا.
اٺ فيبروري جي چونڊ نتيجن خلاف 25 اپريل کان بلوچستان مان احتجاجي  تحريڪ شروع جو اعلان ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عوام کي متحد ڪري اعتماد ۾ وٺنداسين.
هن چيو ته ڪراچي، پشاور ۽ لاهور ۾ به جلسا ڪيا ويندا، ٻين سياسي پارٽين سان به رابطو ڪري رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن بيوس آهي، ان کي نتيجا مرتب ڪرڻ جي اجازت نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.