پي سي بي قومي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي سان رابطو ڪيو آهي ۽ چٽو امڪان آهي ته جيسن سان پي سي بي جا معاملا طئي ٿي ويندا.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي بيٽر گيري ڪرسٽن سان به ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، بورڊ کي گيري ڪرسٽن سان به معاملا طئي جي اميد آهي.
واضح رهي ته گيري ڪرسٽن ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪوچنگ به ڪري چڪو آهي، سندس ڪوچنگ ۾ ڀارت 28 ورهين کانپوءِ 2011 ۾ عالمي ڪپ کٽيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ جي معاملي تي بورڊ ۽ نيوزيلينڊ جي اسسٽنٽ ڪوچ ليوڪ رونڪي سان به رابطو ڪيو هو جڏهن ليوڪ رونڪي طرفان ان حوالي سان جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهريو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.