سنڌ جي 100 سرڪاري ڪاليجن جي نوجوانن کي هر سال اسڪالرشپ ڏني ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي 100 سرڪاري ڪاليجن جي نوجوانن کي هر سال اسڪالر شپ ڏني ويندي، سنڌ حڪومت ۽ علما يونيورسٽي وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ٿي ويون، اسڪالرشپ علما يونيورسٽي طرفان ڏني ويندي.
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ علما يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مسرور ظفر ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سنڌ جي نوجوانن کي معياري اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ملاقات ۾ سنڌ حڪومت ۽ علما يونيورسٽي وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن موجب اسڪالرشپ ۾ 100 سيڪڙو خرچ شامل هوندا، شاگردن کي ٽيوشن فيس سان گڏ رهائش، کاڌي پيتي جي سهولت به ڏني ويندي.
يادداشت تي صحيحن جي تقريب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ٿي، ان موقعي تي سردار شاهه چيو ته اعليٰ تعليم جي ترقي ۾ نجي ادارن جي سهڪار سان بهتر نتيجا ملندا، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي طرفان هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.