عدليا ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت تي 6 ججن جو سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن عدالتي ڪيسن ۾ ڳجهي ايجنسين جي مداخلت تي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ عدالتي معاملن ۾ انتظاميا ۽ ڳجهن ادارن جي مداخلت تي مدد گهري وئي آهي.
هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان لکيل خط جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن کي به موڪلي وئي آهي، خط ۾ عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو ۽ ايجنسين جي مداخلت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
هاءِ ڪورٽ جي ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته عدليا ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت ۽ ججن تي اثرانداز ٿيڻ جي معاملي تي جڊيشل ڪنوينشن گهرايو وڃي.
سپريم جڊيشل ڪائونسل کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن خط لکيو آهي، خط لکندڙن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آهن.
خط جي متن موجب عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي هڪ عدليا جو ڪنوينشن طلب ڪيو وڃي، جنهن سان ٻين عدالتن ۾ ايجنسين جي مداخلت بابت به ڄاڻ سامهون ايندي، عدليا جي ڪنوينشن سان عدليا جي آزادي بابت وڌيڪ مدد حاصل ٿيندي.
ججن جي گڏيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر چيف جسٽس عامر فاروق سان اختلاف ڪندي عمران خان خلاف ٽيريان وائٽ ڪيس کي نه ٻڌڻي جوڳو قرار ڏنو هو.
خط جي متن موجب جن ججن چيف جسٽس سان اختلاف ڪندي فيصلو ڏنو، انهن تي هڪ ڳجهي اداري طرفان خاندان ۽ دوستن کان دٻاءُ وجهرايو ويو.
خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ان کان اڳ به ججن پاڻ تي دٻاءَ جي ڪوششن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي 2023 ۽ 2024 ۾ خط لکيا هئا.
خط ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڳجهي اداري طرفان ججن تي مسلسل دٻاءَ جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سامهون اٿي چڪو اهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.