حسن جي عالمي مقابلي ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب جي نمائندگي جو اعلان

2023 جي ويزن موجب سعودي عرب ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ٿيون آهن، اهڙي ئي هڪ تبديلي سعودي ماڊل جي مس يونيورس جي مقابلي لاءِ چونڊ جي صورت ۾ سامهون آئي آهي.
عرب ميڊيا موجب 27 ورهين جي رومي القحطاني، جيڪا سعودي عرب ۾ بيوٽي پيجنٽ ۽ انفلوائنسر طور ڄاڻي سڃاتي ويندي آهي، هاڻ مس يونيورس لاءِ پنهنجي قسمت آزمائيندي.
رومي طرفان اهڙو اعلان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪيو ويو هو، جتي هن پنهنجي تصوير به اپ لوڊ ڪئي.
رومي چيو ته مون کي فخر محسوس ٿي رهيو آهي، مان مس يونيورس 2024 ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب جي نمائندگي ڪنديس.
هن چيو ته سعودي عرب طرفان مس يونيورس ۾ ويندڙ هيءَ پهرين عورت هوندي.
سعودي ماڊل جا انسٽاگرام تي 10 لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن ۽ هوءَ 2021 ۾ مس عرب ورلڊ ۾ به شرڪت ڪري چڪي آهي.
رومي القحطاني مس يورپ 2023 ۾ به شرڪت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.