عورت هٿ چراند ڪندڙ شخص کي باهه ڏئي ڇڏي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ عورت هٿ چراند ڪندڙ شخص کي باهه ڏئي ڇڏي.
فيصل آباد جي مدينه ٽائون پاڙي ۾ رسول پارڪ وٽ چادرون کپائڻ بهاني عورت سان هٿ چراند ڪندڙ سائيڪل سوار کي اها حرڪت ڳچي ۾ پئجي وئي.
عورت سائيڪل تي سوار شخص کي تيل هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سڙي زخمي ٿي پيو.
پوليس سڙي زخمي ٿيل شخص کي طبي امداد فراهم ڪري اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته عورت کي حراست ۾ وٺي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.