”سج گرهڻ جي ڪري 30 روزا ٿيندا“

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ فلڪيات ۽ موسميات جي ماهر ڊاڪٽر عبدالله المسند چيو آهي ته رمضان المبارڪ جا 30 روزا ٿيندا ۽ عيد 10 اپريل تي ٿيندي.

هن چيو ته سومر ڏهاڙي چنڊ گرهڻ هو جنهن جو مشاهدو نه ٿي سگهيو جڏهن ته فلڪي حساب سان اڄ ئي چنڊ بدر التمام ٿيو آهي.

هن چيو ته اهڙي صورت ۾ چنڊ گرهڻ عام طور تي نظر ناهي ايندي ۽ نه ئي ان جي نماز پڙهي ويندي آهي.

هن چيو ته اهڙي ريت 8 اپريل بمطابق 29 رمضان تي اتر ۽ وچ آمريڪا ۾ سج گرهڻ هوندو جيڪو وچ اوڀر ۾ نظر ايندو.

ان ڏس ۾ ان ڏينهن يعنيٰ 29 رمضان تي چنڊ جي پيدائش ممڪن نه هوندي نه ئي ان جو مشاهدو ممڪن هوندو.

هن چيو ته ان ڏينهن چنڊ سج لهڻ کان اڳ ئي لهي ويندو.

ان حوالي سان رمضان جا 30 روزا مڪمل ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.