سعودي ادارائون رمضان المبارڪ ۾ ڌيان جو مرڪز، ريم عبدالله عروج تي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ڪجهه وقت تائين اداڪاري لاءِ پرڏيهي فنڪارائن کي ڪاسٽ ڪيو ويندو هو پر هاڻي سعودي عرب جون فنڪارائون بنا نالو تبديل ڪرڻ بنا ڊپ جي اداڪاري ڪري پنهنجو پاڻ مڃائي رهيون آهن.

هاڻي سعودي عرب ۾ عورتن سان لاڳاپيل ڪيترين ئي پابندين ۾ نرمي ٿي چڪي آهي ۽ ٽي وي ۽ پراڊڪشن ڪمپنيون سڌي ريت سعودي عرب جي اداڪارائن سان رابطا ڪري کين ڪاسٽ ڪري رهيون آهن.

هن وقت سڀ کان وڌيڪ ريم عبدالله ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.

رمضان جي مهيني ۾ اداڪارا ريم عبدالله جي سيريز جاڪ العلم ۽ ام صامل ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.

هن الصيته السبيعي سيريز جي هڪ قسط ۾ به ڪم ڪيو آهي.

ان سان گڏوگڏ مصنفه لاميا الزيادي جي سيريز الشرار ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.

ان کانسواءِ اداڪارا عهود الجدعان، نغم المالڪي، سارا بهڪلي، اغادير السعيد، هند محمد، مريم عبدالرحمان ۽ فاطما الشريف به اڳرڀريون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.