ڦر جي واردات تي لاڳاپيل ايس ايڇ او معطل ٿيندو: سنڌ جي گهرو وزير جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار اعلان ڪيو آهي ته جتي به ڦر جي واردات ٿيندي ته لاڳاپيل ايس ايڇ او معطل ٿيندو ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ضياءُ لنجار ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي صورتحال تي چيو ته نگران حڪومت جي 8 مهينن ۾ لاقانونيت وڌيڪ رهي، مون کي وزارت سنڀاليندي ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن، جلد اسٽريٽ ڪرائمز تي ڪنٽرول ڪنداسين.
هن چيو ته جلد ڪراچي ۾ صورتحال تبديل ٿيندي نظر ايندي، شهر جي آبادي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آهي، آءِ جي چارج سنڀالي آهي، هاڻ تبديلي نظر ايندي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي شهرين کي امن ڏينداسين، اسٽريٽ ڪرائمز تي ڪنٽرول لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.