پيپلزپارٽي جا 2 اميدوار سينيٽ چونڊ تان هٿ کڻي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سينيٽ جي 12 سيٽن تان پيپلز پارٽي جا 2 اميدوار هٿ کڻي ويا.

پيپلزپارٽي جي گهنور اسراڻ ۽ جاويد ناياب لغاري پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا، عورتن جي سيٽ لاءِ پ پ جي روبينا قائم خاني ٽڪيٽ جمع ڪرائي.

پيپلز پارٽي جي قرت العين مري سينيٽ جي عورتن جي سيٽ تي پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي سرمد علي ۽ بيريسٽر ضمير گهمرو جي ٽڪيٽ جمع ڪرائي وئي.

ذريعن موجب اقليت جي سيٽ تي پونجو مل ڀيل جي ٽڪيٽ جمع ڪرائي وئي، پيپلزپارٽي جي اشرف جتوئي جنرل سيٽ تي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.