ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطي لاءِ وري شاهين فورس کي فعال ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول لاءِ وري شاهين فورس کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ ويسٽ پوليس وڌيڪ تياري لاءِ ڏيڍ سئو جوانن جي ٽيم کي ريفريشر ڪورس لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي.
سنڌ پوليس جي ڪمانڊ تبديل ٿيندي ئي کاتو اسٽريٽ ڪرائم خلاف متحرڪ ٿي ويو، اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول لاءِ وري شاهين فورس کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
شاهين فورس جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ پوليس ريفريشر ڪورسز جي شروعات به ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ وڌيڪ تياري لاءِ 150 جوانن جي ٽيم کي ريفريشر ڪورس لاءِ موڪليو ويو آهي.
ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ جو چوڻ آهي ته هڪ شهري جو به موت ڇو ٿئي؟ ڪراچي جا شهر ڪڏهن ڦورن ته ڪڏهن پوليس جي گولي جو نشانو بڻيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.