موسميات کاتي ڪراچي واسين کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته اپريل ۽ مئي مهيني ۾ گرمي وڌندي.
موسميات کاتي ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو آهي ته مارچ جا آخري ڏينهن گرم رهندا آهن، هڪ هفتي تائين گرمي جو زور ائين ئي برقرار رهندو.
هن چيو ته گهم جي شرح وڌڻ سبب گرمي ۾ به واڌ ٿيندي، اپريل ۽ مئي مهيني ۾ گرمي جي شدت وڌي ويندي پر هيٽ ويو جو امڪان ناهي.
سندس چوڻ هو ته سامونڊي ڊپريشن جي صورت ۾ هيٽ ويو ٿي سگهي ٿو، اپريل ۾ سي بريز سبب هيٽ ويو جو امڪان رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.