وات جون بيماريون سڃاڻيندڙ ذائقيدار چوپڻي!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ سائنسدان ذائقيدار چوپڻي تيار ڪري رهيا آهن جنهن کي استعمال ڪرڻ سان وات جي ڪينسر جي سڃاڻپ ڪري سگهبي ۽ تڪليف ڏيندڙ طريقن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

هن وقت ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ هڪ ڪيمرا لڳل ٽيوب نڪ يا وات ۾ داخل ڪري ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي اهو مرحلو تڪليف ڏيندو آهي.

محققن جو چوڻ آهي ته چوپڻي روايتي طريقيڪار جي ڀيٽ ۾ تيزي سان بيماري سڃاڻي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.