ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ حفاظتي قدم بهتر بڻايا وڃن: ايڇ آر سي پي

پشاور (پ ر) پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪميشن (ايڇ آر سي پي) جي سربراهي ۾ هڪ فيڪٽ فائنڊنگ مشن نشاندهي ڪئي آهي ته 20 آڪٽوبر 2023 ۾ دره آدم خيل، ڪوهاٽ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ ٽن مزدورن جو موت پيشيوراڻي حفاظتي معيار ۽ پروٽوڪول کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ سبب ٿيو.
مشن ان کاڻ جو دورو ڪيو، جتي اهو واقعو پيش آيو هو، مشن ان ئي ضلعي ۾ هڪ ٻي کاڻ جو به دورو ڪيو، جنهن ۾ مزدورن سان حادثن جو ڪو اطلاع نه هو.
مشن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، ڪول مائنرز ليبر يونين جي صدر، مقامي ڊاڪٽرن ۽ ترقي معدنيات بابت صوبائي کاتي جي چيف انسپيڪٽر سان به ملاقات ڪئي، جن مزدورن جو انٽرويو ڪيو ويو، اهي اهڙي حفاظتي سامان سان ليس نه هئا، جيڪي مزدورن جي خطرن کان تحفظ لاءِ ضروري آهن، وڌيڪ اهو ته اهي حفاظت جي معياري طريقن کان به واقف نه هئا، بدقسمتي سان ان لاپرواهي جو دائرو حادثي جي رپورٽن جي اڻ پوري داخلا کان وٺي صحت جي نگهداشت تائين اڻ پوري پهچ تائين آهي، ويجهي ترين اسپتال ۾ وسيلن جي سخت کوٽ آهي ۽ اها ايتري فاصلي تي آهي ته مريضن جي علاج لاءِ پهچڻ کان اڳ ان جي حالت اڪثر خراب ٿي ويندي آهي.
مشن نشاندهي ڪئي ته خيبر پختونخواهه مائنز سيفٽي، انسپيڪشن اينڊ ريگوليشن ايڪٽ 2019 ۾ طئي ٿيل قاعدا ۽ پروٽوڪول انهن مزدورن تي مناسب طور لاڳو نه ڪيو ويو، جن جو مشن دورو ڪيو هو.
هنن قانون کي مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي ڍانچي سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ ان ۾ سڌارا ڪرڻ ۽ مزدورن بابت سمورين سرگرمين جي چڱي ريت داخلا ڪرڻ جي سفارش ڪئي ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته پروٽوڪول جي پيروي ڪئي وڃي ۽ انهن کي سٺي ريت دستاويزي شڪل ڏني وڃي.
وڌيڪ اهو ته حڪومت کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته مزدور باضابطا طور تي رجسٽرڊ هجن ۽ انهن سان باقاعده معاهدو ڪيو وڃي، اهي تربيت يافته هجن، انهن جي پگهار ۽ ڪم حالتن موجب هجي ۽ انهن جي صحت ۽ حفاظت کي بهتر بڻايو وڃي، پاڪستان کي مزدورن جي حفاظت ۽ صحت يقيني بڻائڻ لاءِ آءِ ايل او جي ڪنوينشن C-176 جي منظوري ڏيڻ گهرجي، ڪوئلي جي کاڻ جي صنعت کي حفاظتي قدمن سان سختي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي ته جيئن مزدورن جي حقن کي برقرار رکي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.