ٽيلي نار پي ٽي سي ايل حوالي نه ٿي، هاڻي ڪير پيو هلائي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي سي ايل ناروي جي ڪمپني ٽيلي نار خريد ڪئي هئي، 100 سيڪڙو شيئرز وٺڻ جي باوجود هن وقت تائين ٽيلينار پي ٽي سي ايل ۾ ضم ناهي ٿي سگهي.

پي ٽي سي ايل اهي شيئر 108 ارب رپين ۾ خريد ڪيا هئا.

سي سي پي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ پاران ٽيلينار خريد ڪرڻ بابت ڄاڻ جمع ڪرائڻ جو انتظار ڪري رهي آهي.

سي سي پي کي 29 فيبروري 2024 تي پي ٽي سي ايل جي انضمام کان اڳ واري درخواست ملي هئي جيڪا غلط فيس سان جمع ڪرائي وئي هئي.

بعد ۾ بقايا فيس 6 مارچ 2024 تي ڪميشن ڏانهن موڪلي وئي.

20 مارچ 2024 تي وڌيڪ معلومات جي درخواست جي باوجود، سي سي پي اڃا تائين پي ٽي سي ايل جي وڪيلن کان گهربل معلومات حاصل نه ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.