واٽس ايپ ۾ اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ڪيئي فيچرز جو واڌارو

واٽس ايپ ۾ جلد واهپيدار آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ڪجهه نوان فيچرز استعمال ڪري سگهندا.
نوان فيچر ميٽا اي آءِ تي ٻڌل هوندا جنهن جو اشارو واٽس ايپ جي مختلف بيٽا ورجنز مان مليو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، ميٽا طرفان واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورجن ۾ هڪ نئين اي آءِ شارٽ ڪٽ جو اضافو ڪيو ويو آهي.
اي آءِ شارٽ ڪٽ واٽس ايپ جي مٿان موجود هوندو جنهن کي واهپيدار مختلف سوال ڄاڻڻ ۽ مختلف موضوعن جا تفصيل ڄاڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندا.
اهڙي ريت ميٽا طرفان واٽس ايپ ۾ اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل فوٽو ايڊيٽر جي آزمائش به جاري آهي، فوٽو ايڊيٽر جي مدد سان واهپيدار تصويرون جو بيڪ گرائونڊ تبديل ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ واهپيدارن کي تصوير کي ري اسٽائيل ۽ ايڪسپينڊ ڪرڻ جي سهولت به دستياب هوندي.
واٽس ايپ طرفان ايپ جي اندر اسٽيڪرز ۽ فوٽوز تيار ڪرڻ واري فيچر جي به ٽيسٽنگ جاري آهي.
واٽس ايپ طرفان واهپيدارن کي چيٽ ونڊو جي اندر ئي اي آءِ چيٽ بوٽ تائين رسائي ڏيڻ واري فيچر تي به ڪم جاري آهي، اي آءِ چيٽ بوٽ مختلف سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ واهپيدارن جي مدد ڪندو.
جئين مٿي لکي چڪا آهيون ته سمورن اي آءِ فيچرز تي ڪم جاري آهي ۽ تمام جلد سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.