اپيلٽ ٽربيونل پرويز الاهي کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اپيلٽ ٽربيونل پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي کي ضمني اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
پرويز الاهي پ پ 32 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو قدم چئلينج ڪيو هو، جنهن تي اپيلٽ ٽربيونل کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ان کانسواءِ اپيلٽ ٽربيونل پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا، رٽرننگ آفيسر مونس الاهي جا پي پي 158 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا.
هوڏانهن ٽربيونل زارا الاهي ۽ سميرا الاهي کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.