شانگلا واقعي جي مذمت، سڄي قوم يڪجهتي لاءِ چيني ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج شانگلا جي علائقي بشام ۾ چيني شهرين سميت 6 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي چيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ بيٺي آهي.
پاڪ فوج بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گوادر، تربت ۽ بشام ۾ دهشتگردي جي واقعن جو مقصد داخلي سلامتي جي صورتحال کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، دهشتگرد واقعا اندروني سيڪيورٽي صورتحال کي غير مستحڪم ڪرڻ جون بدلاڻيون ڪارروائيون آهن.
آءِ ايس پي آر چيو ته سڄي قوم پنهنجي چيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ گڏ آهي، قوم اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين جي مذمت ڪري ٿي، پاڪستان ۽ اسٽريٽيجڪ اتحادين، خاص طور چين ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪجهه پرڏيهي عنصر پنهنجي مفادن تحت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ ۾ ملوث آهن، هٿياربند فوج خلاف تشدد جون اهڙيون ڪِريل ڪارروائيون اسان کي عزم کي روڪي نه ٿيون سگهن.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن رياست طور مقابلو ڪندڙ اڪيلو ملڪ آهي، چين جي حمايت سان دهشتگردن کي مناسب انجام تائين پهچائڻ يقيني بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.