هلندڙ سال جو پهريون چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو

اسلام آباد( م ڊ) موسميات کاتي موجب هلندڙ سال جو پهريون چنڊ ​​گرهڻ اڄ ٿيندو.چنڊ گرهڻ پاڪستاني وقت موجب رات 9 لڳي 53 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ 2 لڳي 32 منٽن تي ختم ٿيندو جڏهن ته چنڊ گرهڻ  جي انتها 12 لڳي 12 منٽن تي ٿيندي.موسميات کاتي موجب پاڪستان ۾ چنڊ گرهڻ نه ڏٺو ويندو.چنڊ گرهڻ يورپ، اتر ۽ اوڀر ايشيا، آسٽريليا ۽ آفريڪا ۾ ڏٺو ويندو.گرھڻ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، پئسفڪ، ائٽلانٽڪ، آرڪٽڪ ۽ انٽارڪٽيڪا ۾ به نظر ايندو.موسميات کاتي موجب هي چنڊ گرهڻ پينمبرل آهي، جنهن دوران چنڊ ​​جي روشني گهٽجي ويندي آهي ۽ چنڊ معمول کان 10 سيڪڙو گهٽ روشن هوندو آهي. پنمبرل چنڊ گرڻ تي عام طور تي مشاهدو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.