شاهه رخ خان ۽ پريتي زنٽا جون تصويرون وائرل، مداحن جا دلچسپ تبصرا

انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي 17 هين ايڊيشن ۾ دلچسپ مقابلا جاري آهن جتي ڏهه ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن.
ڇنڇر واري ڏينهن آءِ پي ايل جون ٻه ميچون کيڏيون ويون، پهرين ميچ ۾ پنجاب ڪنگز دهلي ڪيپيٽلز کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏني جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز سن رائزرز حيدرآباد کي چئن رنسن تان هارائي ڇڏيو.
مُلنپور ۾ پنجاب ڪنگز ۽ دهلي ڪيپٽيلز جي ميچ ڏسڻ لاءِ پنجاب ڪنگز جي مالڪ بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا اسٽيڊيم ۾ موجود هئي جڏهن ته ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي پليئرز جو حوصلو وڌائڻ لاءِ سندن مالڪ شاهه رخ خان به نظر آيو ٻنهي سپر اسٽارز جو تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ واهپيدارن سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
ٻنهي سپر اسٽارز جي اسٽيڊيمز ۾ موجودگي ڏسي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي مداحن شاهه رخ خان ۽ پريتي زنٽا کي گڏ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ان ڏس ۾ ايڪس تي صارف انجلي پنهنجي پوسٽ ۾ وير زارا فلم جي جِف شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ” اڃا تائين پريتي زنٽا ۽ شاهه رخ خان هنئن لڳي رهيا آهن.
هڪ ٻئي صادر لکيو ته پريتي زنٽا ۽ شاهه رخ خان کي آءِ پي ايل ۾ ڏسي خوشي ٿي، اسان ٻنهي کي ٽي وي تي ڏسي وڏا ٿيا آهيون.
پريتي زنٽا 1998 ۾ پنهنجي ڊيبيو فلم ” دل سي “ ۾ شاهه رخ خان سان پهريون ڀيرو ڪم ڪيو هو، ان کانپوءِ ٻئي ڪل هو نه هو، ڪڀي الوداع نه ڪهنا ۽ وير زارا جهڙين سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.