نسوار سعودي عرب سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪسٽم کاتي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري سگريٽن ۽ نسوار جي سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
سعودي ايئر لائن جي اڏام ذريعي رياض ويندڙ مسافر وٽان سگريٽن ۽ نسوار جي وڏي کيپ برآمد ٿي.
ڊپٽي ڪليڪٽر حماد احمد موجب ڪسٽم عملي مسافر جي سامان جي تلاشي ورتي ته س 17 هزار کان وڌيڪ سگريٽ جا پيڪيٽ برآمد ٿيا، جڏهن ته 410 کان وڌيڪ باڪس به برآمد ٿيا، جن ۾ پابندي پيل نسوار لڪايل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.