آءِ پي ايل: سنجو ۽ بولٽ جي تباهي، راجسٿان رائلر جي لکنئو سپر جائنٽس کي شڪست

جئپور ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئرليگ ( آءِ پي ايل ) 2024ع جي چوٿين ميچ ۾ راجسٿان رائلز لکنئو سپر جائنٽس کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
جئپور سوائي من سنگهه اسٽيڊيم ۾ راجسٿان رائلز ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان سنجو سيمسن 82، ريان پراگ 43 رنسن سان اڳڀرا رهيا جڏهن ته يشسوي جئسوال 24 ۽ ڌرو جوريل 20 رنسون ٺاهيون.
لکنئو سپر جائنٽس جي نوين الحق ٻه، روي بشنوئي ۽ محسن خان هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
194 رنسن جي جواب ۾ لکنئو سپر جائنٽس مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 20 رنسن تان ميچ هارائي وئي،ڪپتان ڪي ايل راهول 58، ديپڪ هودا 26 رنسون ٺاهيون.
لکنئو سپر جائنٽس جي نائب ڪپتان نيڪولس پوران 64 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي پر هو ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو.
راجسٿان رائلز جي ٽرنٽ بولٽ ٻه جڏهن ته نندري برگر، روي چندرن ايشون، يوزويندر چاهل ۽ سنديپ شرما هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بيٽنگ تي راجسٿان رائلز جي ڪپتان سَنجو سيمسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.