قومي ڪرڪيٽرن جي نعت پڙهڻ واري وڊيو وائرل، واکاڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽرن جي مديني شريف ويندي نعت پڙهڻ واري وڊيو دليون موهي ڇڏيون.
پاڪستان سپر ليگ 9 جي ختم ٿيندي ڪيئي ڪرڪيٽر رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ عمري جي سعادات حاصل ڪرڻ سعودي عرب ويل آهن جنهن ۾ اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم، امام الحق، نسيم شاهه ۽ افتخار احمد شامل آهن.
سوشل ميڊيا تي قومي ڪرڪيٽرن جي بس ۾ سفر ڪرڻ دوران ٺاهيل وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Iftikhar Ahmed (@iftiahmed221)


وائرل وڊيو ۾ موجود ڪرڪيٽر مديني شريف وڃي رهيا آهن ۽ ان دوران هو پاڻ سڳورن صلعم سان محبت جو اظهار ڪندي نعيته ڪلام پيش ڪيو.
وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، ڪرڪيٽرن جي نعت پڙهڻ واري وڊيو مداحن جون دليون موهي ڇڏيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.