پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز تي حملن لاءِ افغانستان ۾ رٿابندي جي وڊيو ليڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان سرحد تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز تي حملن لاءِ تحريڪ طالبان افغانستان جي منصوبابندي جي وڊيو ليڪ ٿي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ليڪ وڊيو افغانستان جي علائقي ڊانگرالگد جي آهي، وڊيو ۾ تحريڪ طالبان افغانستان جو ليڊر يحيٰ حافظ گل بهادر نظر اچي رهيو آهي.
ليڪ وڊيو ۾ يحيٰ حافظ گل بهادر پاڪستان تي حملي لاءِ هدايتون ڏيندي نظر اچي رهيو آهي، طالبان ڪمانڊر چئي ٿو ته اسان پاڪستان سان پلاند لاءِ تيار آهيون.
تحريڪ طالبان افغانستان جو ليڊر چئي ٿو ته منصوبي موجب 6 راڪيٽ هلائيندڙ ۽ 6 مددگار هوندا، اهي سڀ مجاهد اميرالمومين شيخ عبادالله جي حڪمن تي تيار آهن.
وڊيو ۾ دهشتگرد پاڪستان خلاف ويڙهه تي راضپو ظاهر ڪندي به نظر اچي رهيا آهن.
هوڏانهن افغانستان جي طالبان حڪومت طرفان ان وڊيو تي ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.