پي ايڇ ايف صدر جي زخمي گول ڪيپر وقار يونس جي عيادت، رهتون ادا ڪرڻ جي خاطري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني هاڪي فيڊريشن جي صدر طارق بگٽي جناح اسپتال لاهور ۾ گول ڪيپر وقار يونس جي عيادت ڪرڻ پهچي ويو .
پي ايڇ ايف جي صدر گوگل ڪيپر وقار يونس کي علاج ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر طارق بگٽي چيو ته وقار يونس قومي ٽيم جو هيرو آهي کيس اڪيلو نه ڇڏينداسين، سندس خيال رکيو ويندو.
هن چيو ته مئنيجمينٽ مان جنهن به ڪوتاهي ڪئي ان خلاف ايڪشن ورتو ويندو.
ان موقعي تي وقار يونس چيو ته طارق بگٽي سندس ڪيريئر جو پهريون صدر آهي جيڪو زخمي رانديگر وٽ هلي آيو آهي، رهتون ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
ياد رهي ته وقار يونس اولمپڪ ڪواليفائينگ راونڊ ۾ گوڏي جي انجري جو شڪار ٿيڻ بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.