ڪرينا ڪپور جو پاڪستاني فلم ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اداڪار هارون شاهد چيو آهي ته 2017ع ۾ رليز ٿيندڙ پاڪستاني فلم ” ورنه “ ۾ ماهران خان کي اڳ بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي نالي تي غور ويچار ڪيو ويو هو.
ويجهڙ ۾ هارون شاهد هڪ خانگي ٽي وي شو جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي فني سفر ۽ ٻين موضوعن تي ويچار ونڊيا.
هارون شاهد ٻڌايو ته پاڪستاني فلم ورنه ۾ مک ڪردار جي شروعاتي طور ڪرينا ڪپور کي آڇ ڪئي وئي هئي پر ڪرينا اِها آفر قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
اداڪار چيو ته جڏهن هدايتڪار شعيب منصور کيس اِها ڳالهه ٻڌائي ته ساڻس گڏ هيروئن طور ڪرينا ڪپور ڪم ڪرڻ واري آهي هو ڏاڍو خوش ٿيو، پر ڪرينا جي انڪار کانپوءِ هدايتڪار شعيب منصور ماهرا خان کي فلم جي مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪري ورتو هو.
ڪرينا ڪپور طرفان فلم ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي اداڪار ٻڌايو ته هڪ ته ڪرينا ڪپور شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ ان دوران هوءَ ڳورهاري هئي انڪري هن فلم ۾ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
ياد رهي ته ورنه جو هدايتڪار ۽ ليکڪ شعيب منصور هو جڏهن ته فلم ۾ ماهرا خان ۽ هارون شاهد مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.