سال جي پهرين چنڊ گرهڻ ڇا سڀاڻي پاڪستان ۾ نظر ايندي؟ ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي پهرين چنڊ گرهڻ سڀاڻي ٿيندي، جيڪا پاڪستان ۾ نه ڏسي سگهبي.
فلڪياتي ماهرن موجب چنڊ گرهڻ جي شروعات سڀاڻي (25 مارچ) تي پاڪستاني وقت موجب صبح 9 لڳي 50 منٽن تي ٿيندي، چنڊ گرهڻ 12 لڳي 12 منٽن تي عروج تي پهچڻ کانپوءِ منجهند 2 لڳي 32 منٽن تي پڄاڻي پهچندي، ان جو مجموعي دورانيو 4 ڪلاڪ 40 منٽ ٻڌايو ويو آهي.
چنڊ گرهڻ آفريقا، يورپ، آسٽريليا ۽ اتر ۽ اوڀر ايشيا ۾ نظر ايندي پر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ان کي نه ڏسي سگهبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.