ست رڪني سليڪشن ڪميٽي جو اعلان، ڪو به سربراهه نه هوندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پي سي بي جي نئين سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران محسن نقوي ٻڌايو ته سليڪشن ڪميٽي جي نيئن سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي، ڪميٽي هاڻ ستن ميمبرن تي ٻڌل هوندي ۽ ڪميٽي جو ڪو به چيئرمين نه هوندو.
هن ٻڌايو ته سليڪشن ڪميٽي ۾ محمد يوسف، وهاب رياض، عبدالرزاق، اسد شفيق، هيڊ ڪوچ، ڪپتان ۽ هڪ اينالسٽ شامل هوندو.
پي سي بي چيئرمين چيو ته سمورا ميمبر صلاح مشوري کانپوءِ فيصلا ڪندا، ڪميٽي هر فيصلي کي حتمي شڪل ڏيندي، سڀني ميمبرن وٽ هڪ جيترو اختيار هوندو.
سندس چوڻ هو ته ڪوچن جي مقرري بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن، معاملو جڏهن به فائنل ٿيندو اوهان کي آگاهه ڪنداسين.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ هڪ نالو تجويز ڪيو هو ميڊيا سان خبرون هلڻ کانپوءِ ڀڄي ويو، عالمي ڪپ ۾ ضرورت هئي انڪري ٽيم مضبوط ڪرڻ لاءِ عماد وسيم رابطو ڪيو.
محسن نقوي چيو ته خزانو ڪرڪيٽ ۽ رانديگرن تي خرچ ٿيندو. خزانو خالي ڇڏي ويس ته خوش ٿيندس ته ڪرڪيٽ جي بهتري تي خرچ ٿيو، بئنڪن ۾ پئسو رکڻ جو ڪو فائدو ناهي، ڪرڪيٽرن لاءِ پئسو رهندو، ڪانٽريڪٽ پٽاندڙ اين او سي بابت هڪ ئي پاليسي هوندي، ڪنهن به رانديگر سان خاص رعايت نه ڪئي ويندي.
پي سي بي چيئرمين موجب، حارث رئوف جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ بحال ڪيو ويو آهي، ٽيم جي ڪپتاني جي حوالي سان مشاورت جاري آهي، صلاح مشورو کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي سليڪشن ڪميٽي اچي وئي آهي جيڪا ڪپتاني واري معاملي تي مشاورت ڪري رهي آهي، سليڪشن ڪميٽي، ڪپتان ۽ ڪوچز سان گڏجي فيصلا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.