نواب شاهه ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 7 ڄڻا قتل

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) نواب شاهه ۾ ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ڳوٺ حاجي واحد بخش ڏاهري ۾ پيش آيو، جتي ٻن ڌرين ۾ زمين جو تڪرار هلي رهيو هو.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.