” مان حاضر آهيان“محمد عامر به رٽائرمينٽ واپس وٺي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر عماد وسيم کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر به رٽائرمينٽ واپس وٺي ڇڏي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد عامر ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي دستيابي جو اعلان ڪيو.
محمد عامر چيو ته زندگيءَ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي فيصلن تي نظرثاني جو موقعو ڏيندي آهي ۽ هو هاڻي به پاڪستان لاءِ کيڏڻ جو خواب رکي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن، پي سي بي عزت ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان لاءِ هاڻي به کيڏي سگهان ٿو.
ياد رهي ته 36 ٽيسٽ، 61 ون ڊي ۽ 50 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر ڊسمبر 2020ع ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.