طورخم سرحد تي ايف سي ۽ ايف آءِ اي اهلڪار پاڻ ۾ وڙهي پيا

پشاور (ويب ڊيسڪ) طورخم سرحد تي ايف سي ۽ ايف آءِ اي اهلڪار ڏند چڪ کانپوءِ وڙهي پيا.
ايف سي ۽ ايف آءِ اي اهلڪارن جي پاڻ ۾ ويڙهه ۾ ڪجهه اهلڪار زخمي به ٿي پيا.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه رش گهٽائڻ جي معاملي تي ٿي.
ٻنهي ادارن جي اختيارين واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي معاملو حل ڪري ڇڏيو ۽ طورخم بارڊر عارضي بندش کانپوءِ 4 ڪلاڪن بعد پنڌ اچ وڃ لاءِ کوليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.