اڊيالا جيل جي 411 قيدين جي سزا ۾ 3 مهينا گهٽتائي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل 411 قيدين جي سزا ۾ 3 مهينن جي گهٽتائي ڪئي وئي.
جيل انتظاميا موجب صدر 23 مارچ جي موقعي تي قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو.
اڊيالا جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته 6 قيدين کي سزا ۾ گهٽتائي کانپوءِ جيل مان آزاد ڪيو ويو.
جيل انتظاميا موجب پنجاب حڪومت طرفان به قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، وزير اعليٰ پنجا بجي هدايت تي 52 قيدين جون سزائون گهٽايون ويون.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو رمضان المبارڪ ۽ عيدالفطر جي مناسبت سان ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.