ڦڦڙن جي ڪينسر خلاف اثرائتي ويڪسين تيار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي محققن ۽ ماهرن هڪ اهڙي ويڪسين تيار ڪئي آهي، جيڪا ڦڦڙن جي ڪينسر جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، ماهرن موجب اها ويڪسين 90 سيڪڙو معاملن ۾ ڪامياب رهندي.
يونيورسٽي آف لنڊن ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي دي فرانسس ڪرڪ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”لنگ ويڪس“ انهن ماڻهن کي ڏني ويندي، جن کي ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو آهي.
اها ويڪسين مدافعتي نظام کي ڪينسر جي شروعاتي علامتن جي سڃاڻپ ۽ ان سان مقابلي لاءِ تيار ڪندي.
سڄي دنيا ۾ هر سال لکين ماڻهو ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيندا، جنهن جي بنيادي سببن ۾ سگريٽ ڇڪڻ ۽ گدلي هوا ۾ مستقل بنياد تي ساهه کڻڻ شامل آهي، جڏهن ته مسلسل دونهين ۾ رهڻ سبب به اهو ڪينسر تيزي سان پکڙجندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.