ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي نامياري اداڪارا پريانڪا چوپڙا هڪ ڀيرو وري هندي سئنما ۾ واپسي ڪري رهي آهي ۽ هاڻ هوءَ ايڪشن ۾ فلم ۾ نظر ايندي.
ڀارتي ميڊيا موجب، اداڪارا هن وقت ممبئيءَ ۾ موجود آهي ۽ هوءَ مختلف فلم ڊائريڪٽرز سان ملاقاتون ڪري رهي آهي.
رپورٽن موجب، پريانڪا چوپڙا فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي سان ملاقات ڪئي ۽ اداڪارا کي هڪ ايڪشن پروجيڪٽ پسند آيو آهي.
اداڪارا ۽ فلم هدايتڪار وچ ۾ شوٽنگ شيڊيول ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون جاري آهن ان حوالي سان جلد حتمي اعلان ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پريانڪا چوپڙا جي آمريڪي پاپ سنگر نِڪ جوناس سان شادي کانپوءِ لاس اينجلس ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، جوڙي کي هڪ ڌيءُ جو اولاد پڻ آهي.
Prev Post
You might also like